پشاور ( م ڊ )خيبرپختونخواهه جي گهرو کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي صوبي ۾ 58 هزار شڪي قومي شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو پشاور ۾ ڪميٽي جي اجلاس دوران ڪيو ويو. ان حوالي سان حاصل ڪيل دستاويز موجب گهرو کاتي نادرا کي جعلي شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن. جعلي پي او آر، افغان ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ لاءِ گهرو کاتي نادرا کي خط لکي ڇڏيو. نادرا جعلي پي او آر ڪارڊ، افغاني ڪارڊ ۽ جعلي پاڪستاني شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن. دستاويزن موجب پشاور ۾ 9 هزار 720 غيرقانوني رهندڙن جي ميپنگ جو عمل به مڪمل ڪيو ويو. لاڳاپيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ضلعي ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. دستاويز موجب سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي بلاڪ ڪارڊ جا تفصيل ڏيڻ لاءِ 5 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي.