ماهيگير برادري نه رڳو سمنڊ جا محافظ پر ثقافتي ورثو آهن: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سامونڊي غذا جهڙوڪ مڇي ۽ جھينگن کان وٺي ڪيڪڙن  ۽ اسڪوائيڊ، فروزن ۽ تازي سامونڊي غذا، ڪئنڊ پروڊڪٽس ۽ ويليو ايڊڊ پروڊڪٽس جھڙيون بريڊڊ مڇين کي عالمي مارڪيٽن تائين پھچائي سگھون ٿا. بحريا يونيورسٽي ۾ فشريز جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائيم افيئرز پاران منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ماهيگير برادري نه رڳو سمنڊ جا محافظ آهن پر اهي اسان جو ثقافتي ورثو آهن.، جيڪي نسل در نسل روايتن کي محفوظ رکن ٿا. جسٽس باقر چيو ته پاڪستان وٽ 1000 ڪلوميٽرن تي پکڙيل ساحلي پٽي ۽ 290000 ڪلوميٽرن جو وڏو اسپيشل اڪنامڪ زون آهي. هن چيو ته پاڪستان کي بليو اڪانومي جي ترقيءَ لاءِ اهم صلاحيت رکندڙ مڃيو ويندو آهي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اسان جي سامونڊي مهاڻن جون سرگرميون سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي تي آهن جيڪي پاڪستان جي ٽوٽل ساحلي علائقي جو 30 سيڪڙو ۽ 70 سيڪڙو آهن. هن چيو ته 23-2022 ۾ پاڪستان جي سامونڊي غذا جي برآمدات 496 ملين ڊالرن تائين پهتي ۽ ان ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي. وڏي وزير تجويز ڏني ته بين الاقوامي مارڪيٽن تائين پهچ ۾ خاص معيار ۽ ٽيڪنالاجي جي انٽيگريشن کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته پائيدار طريقن ۽ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري کي اختيار ڪرڻ سان پاڪستان جي ماهيگيري ۽ آبي زراعت جي شعبي جي ڀرپور صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.