ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر ) غير قانوني رهندڙ افغانين جي نيڪالي لاءِ3 ارب 40 ڪروڙ روپيا جاري، 2 ارب روپيا ڪراچي ۽ باقي هڪ ارب 40 ڪروڙ جي رقم ٻين ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي جاري ڪيا ويا آهن، جاري ڪيل رقم مان افغانين جي کاڌ خوراڪ، لڏپلاڻ تي خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته سنڌ سرڪار غير قانوني افغانين جي نيڪالي بابت جاري فنڊ جي شفاف استعمال لاءِ ڊپٽي ڪمشنرن کي سب ڪميٽيون ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو، عوامي آواز سان ڳالهائيندي سروس جنرل ايڊمنسٽريٽو کاتي جي سيڪريٽري محمد علي کوسو چيو ته ساڍا چار ارب روپين مان 3 ارب 40 ڪروڙ جاري ڪيا ويا آهن باقي هڪ ارب 10 ڪروڙ رکيا آهن جتي به وڌيڪ فنڊ جي ضرورت پوندي اتي فنڊ جاري ڪندا سين، هن چيو ته غير قانوني افغانين جي واپسي واري پلان تحت عمل ڪيون پيا غير قانوني افغانين جي واپسي بابت سستي وارو تاثر غلط آهي هاڻي فنڊ جاري ٿي ويو آهي ان ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪنهن شيءِ جي رڪاوٽ محسوس نه ٿيندي