حقيقت پسنداڻي تربيت ئي جنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(پ ر) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت ئي  جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. اڱاري ڏينهن هو اسٽرائيڪ ڪور جي ڪور سطح جي اجتماعي تربيتي مشق جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. مشق جو مقصد جارحاڻي آپريشنل تصور کي جانچڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جديد ترين وي ٽي-4 ٽينڪن سان ليس آرمڊ فارميشن جي قيادت ۾ ڪيل پيچيده مشقن جو هڪ متاثر ڪندڙ مظاهرو به ڏٺو.جنرل سيد عاصم منير مشق ۾ حصو وٺندڙ فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جذبي، عملي ڪارڪردگي ۽ پيشيواراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف ڊگهي مدي وارن خطرن جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي تياري ۽ ذهني صلاحيت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن تيزي سان بدلجندڙ خطرن جي ماحول کي نظر ۾ رکندي مختلف هٿيار حاصل ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.