جان محمد مهر ڪيس: مک جوابدار جي پٽ سميت 2 ڄڻا مقابلي ۾ زخمي

سکر(رپورٽر) صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري بابت ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي ته سکر پوليس پاران شاهه  ٻيلي ۾ ڪارروائي ڪندي پوليس فائرنگ ۾ مک جوابدار شيرل عرف شيرو مهر جو پٽ گلزار عرف گلڻ مهر سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ چار سهولتڪار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ پڻ ڪاروائي جاري آهي، ايس ايس پي عرفان سمون موجب قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار گلمهر سميت ٻن ڄڻن کي مقابلي ۾ زخمي ڪيو ويو، پوليس جي فائرنگ ۾ جوابدار گلزار عرف گلڻ مهر سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، عرفان سمون موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪچي واري علائقي کي پوليس گهيري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.