شهيد جان محمد جا قاتل گرفتار نه ٿيا، 30 نومبر تي ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ( پي ايف يو جي) سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪميٽي جي  چيئرمين مظهر عباس جي صدارت هيٺ  ٿيو، اجلاس ۾ جان محمد مهر جي قاتل جي گرفتاري لاءِ احتجاجي تحريڪ جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪيو ويو، جنهن تحت 30 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو ۽ ايندڙ مرحلي ۾ 10 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. آل سنڌ جرنلسٽس ڪنوينشن سکر ۾ ٿيندو، جنهن ۾ صحافين جي ڪنوينشن جي تاريخ جو اعلان پڻ ڪيو ويندو. ايڪشن ڪميٽي سمورن يو جي ۽ پريس ڪلبن کي اپيل ڪئي ته 30 نومبر تي سمورن ڪلبن ۽ يونين آفيسن تي ڪارا جهنڊا هنيا وڃن ۽ ان عهد کي پورو ڪيو وڃي ڇو ته اهم جوابدار اڳ ۾ ئي وڊيو پيغام ذريعي جان محمد کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري چڪو آهي. کيس گرفتار ڪرڻ ۾ حڪومت جي ناڪامي صوبي ۾ امن امان برقرار رکڻ جي صلاحيت تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن، ايڪشن ڪميٽي اهو به فيصلو ڪيو آهي ته ڪيس جي پاڻ جاچ ڪئي وڃي ۽ فيڪٽ فائنڊنگ ٽيم جوڙي وڃي، اجلاس ۾ لالا اسد پٺاڻ، لالا رحمان سمون، خالد کوکر، جاويد چوڌري، خورشيد عباسي، سردار لياقت جي ايڊيشنل صدر پي ايف يو جي افضل بٽ ۽ سيڪريٽري جنرل پي ايف يو جي جيارشيد انصاري سميت ٻين شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.