چونڊن کانپوءِ بلاول ۽ نواز شريف گڏجي حڪومت ٺاهيندا: مخدوم جميل الزمان

هالا ( ن ع آ )  پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان  چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين  سميت جيل ۾ قيد سمورن سياستدانن کي آزاد ڪري چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني وڃي، اهڙي اليڪشن ڪرائي وڃي جو عوام جنرل يحيٰ جي ڪرايل اليڪشن جيان ياد رکي. ناليواري برک سياستدان مخدوم امين فھيم جي اٺين ورسي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مخدوم جميل الزمان چيو ته ملڪ جا قانوني ۽ آئيني ادارا صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، عوام جي اعتماد جي بحاليءَ لاءِ ضروري آهي ته اليڪشن شفاف ڪرائي وڃي. مخدوم جميل الزمان چيو ته مون کي لڳي ٿو ته اليڪشن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري ۽ نواز شريف گڏجي حڪومت ٺاهيندا.مخدوم جميل الزمان وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي کيس مبارڪباد ڏيون ٿا، ن ليگ جي سنڌ ۾ سياسي سرگرمين بابت ڳالھائيندي سندس چوڻ هو ته جيستائين نواز شريف سنڌ ۾ اچي اليڪشن جي مهم نه ٿو هلائي، اهيو چوڻ ن ليگ سنڌ ۾ متحرڪ سياسي ڪردار ادا ڪري رھي آهي وقت کان اڳ هوند، سياسي جماعتن ۾ اختلاف پاڻي جي مثل ھوندا آهن، ڪنهن وقت به ختم ٿي سگهن ٿا، ملڪ کي ضرورت آھي ته  سموريون سياسي جماعتون پنج سال گڏجي ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪن. ان موقعي تي چيرمين ضلع ڪائونسل سانگھڙ علي حسن ھنڱورجو ـ چيرمين ميونسپل ڪميٽي ھالا گل محمد پنھور، زوار نديم ڏاهري،پوڙهو ڏاهري سميت معززين ۽ سروري جماعت جي خليفن، مريدن جو وڏو انگ موجود ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.