ڪراچي (م ڊ) اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم ايهود بارڪ اعتراف ڪيو آهي ته والاريل فلسطين جي علائقي غزه ۾ اسپتالن جي هيٺ بنڪرز اسرائيلي فوج ٺاهيا هئا، آمريڪي خابرو اداري سي اين اي کي انٽرويو ۾ ايهود بارڪ اعتراف ڪيو، هن چيو ته غزه ۾ اسپتالن جي هيٺ بنڪرز اسرائيلي فوج ٺاهيا هئا ۽ اهي بنڪرز ڪيترو ئي وقت پهريون ٺاهيا هئا، هن اهو به انڪشاف ڪيو ته بنڪرز ٺاهڻ جو مقصد اسرائيلي فوج جي طرفان غزه جي نگراني ڪرڻ هئي، انٽرويو جي دوران ميزبان به اڳوڻي اسرائيلي وزيراعظم جي اعتراف حيران ٿيو ۽ پڇيو ته اوهان اسرائيلي فوج غلطي سان ته ناهي چئي ڇڏيو، ان تي ايهود بارڪ جواب ڏنو ته نه، بنڪرز اسرائيلي فوج ئي ٺاهيا هئا، جن کي هاڻ استعمال ڪري رهيو آهي.