غزا(م ڊ) حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه چيو آهي ته هو اسرائيل سان جنگبندي جي معاهدي جي ويجهو آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن يليگرام تي پوسٽ ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته اسان جنگبندي تي هڪ معاهدي تائين پهچڻ جي ويجهو آهيون ۽ اسان جو گروپ قطر جي ٽياڪڙي ڪندڙن کي پنهنجو جواب پهچائي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته ڳالهين جو دور 7 آڪٽوبر تي اسرائيل حملي دوران پڪڙيل اٽڪل 240 اسرائيل جي يرغمالين جي رهائي جي اجازت ڏيڻ جي هڪ معاهدي تي جاري آهي. عارضي معاهدي ۾ 5 ڏينهن جنگبندي شامل آهي جنهن ۾ زميني جنگ بندي ۽ ڏکڻ غزه تي اسرائيل جي هوائي ڪارروائين جي حد شامل آهي.ترڪيه جي پرڏيهي وزير چيو آهي، ته اسرائيل تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ سمورن ملڪن کي هڪ آواز ٿيڻو پوندو. هاڻي تائين 12 هزار فلسطيني فوت ٿي چڪا آهن. مسجدن جون شهادتون اسان کي ڪنهن به ريت قبول ناهن. ان مسئلي جو واحد حل 1967ع جي سرحدن تي ٻڌل آزاد فلسطيني رياست جو قيام آهي،هوڏانهن ايمنسي انٽرنيشنل عالمي فوجداري عدالت جي پراسيڪيوٽر تي زور ڏنو آهي ته هو غزه جي پٽي ۾ جنگي ڏوهن جي جاچ ۾ تيزي آڻڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي. سعودي خابرو اداري العريبيه اردو مطابق تنظيم هڪ بيان ۾ چيو ته اسرائيلي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر غزه جي پٽي تي مسلسل بمباري ڪري شهرين کي تباه ڪن نقصان پهچايا آهن ۽ انتهائي بي حسي جو مظاهرو ڪيو آهي.غزا ۾ 22 لک ماڻهو بک ۽ پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.