اسلام آباد (م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو زرداري جي بزرگ سياستدانن بابت بيان تي چيو آهي ته اهو هن پنهنجي پيءَ بابت چيو. ن ليگ قائد نواز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته ميان صاحب مون وٽ دعا ڪرڻ آيو هو، اسان گڏجي هن ملڪ لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي، اسان هڪ ناجائز حڪومت خلاف به گڏ رهيا آهيون، اڄ پهه ڪيوسين ته اڳتي به گڏجي هلنداسين، چونڊ معاملن ۾ به ايڊجسٽمينٽ ڪنداسين. هن بلاول جي بيان جو رُخ آصف زرداري ڏانهن موڙيندي چيو ته اسان کي پ پ خلاف انتهاپسند رويو اختيار ناهي ڪرڻو، ٻار ۽ وڏي جي ڳالهه ۾ فرق هوندو آهي، اسان ايندڙ چونڊن کي تڪراري نٿا بڻائڻ چاهيون، هي ملڪ ڪي به تڪراري چونڊون برداشت نٿو ڪري سگهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته پيپلز پارٽي جي خلاف انتهاپسنداڻو رويو اختيار نه ڪنداسين، اسان تلخيون گهٽائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڪنهن به جماعت کي سندس حق کان محروم ڪرڻ نه ٿا چاهيون. نون ليگ جو قائد ميان نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي بعد سڌو مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتو. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران گڏجي چونڊ وڙهڻ تي اتفاق ڪيو ويو