ڪراچي جي قيوم آباد مان 9 مهينن جو ٻار اغوا

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي قيوم آباد جي علائقي مان 9 مهينن جو ٻارڙو اغوا ٿي ويو، امڙ پريشان، ڪيس داخل،  ڊفينس ٿاڻي ۾ 9 مهينن جي ٻار جي اغوا جو ڪيس  داخل ڪيو ويو،  ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو ته گھٽي ۾ 6 سالن جي ٻارڙي 9 مھينن جي ٻار سان گڏ کيڏي رھي ھئي ته رڪشا ڊرائيور ۽ عورت کين اغوا ڪري ويا، 4 ڪلاڪن بعد اغوا ڪندڙن ڪراسنگ وٽ ٻارڙي کي ڇڏي ۽ نينگر کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ٿاڻي ٻاھران عورت روئيندي ٻڌايو ته 2 ٻار اڳ ئي فوت ٿي چڪا آھن اغوا ٿيل نينگر ھڪ ئي ٻار آھي، خدارا نوٽيس وٺي نينگر  کي آزاد ڪرايو وڃي، نينگر جي چاچي جو چوڻ ھو ته ڪيترائي ڀيرا پوليس ۽ 15 تي ڪال ڪرڻ جي 4 ڪلاڪن بعد ڪيس داخل ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ پوليس جون ڪارروايون، هزارين ليٽر ايراني پيٽرول ۽ ڊيزل هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ پوليس ٻن مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪري هزارين ليٽر ايراني ڊيزل ۽ پيٽرول هٿ ڪري ورتو، ڪراچي جي علائقي حبيب چورنگي وٽ پوليس پاران پهرين ڪارروائي ڪئي وئي جتي ٽرڪ مان 1200 ليٽر ايراني ڊيزل هٿ ڪري جوابدار خير محمد کي گرفتار ڪيو ويو، ٻئي ڪارروائي دوران ڪياماڙي ۾ هڪ ٽينڪر مان 12 هزار ليٽر ايراني ڊيزل ۽ 1100 ليٽر پيٽرول هٿ ڪيو ويو، پوليس ٽينڪر ۽ ڊرائيور کي ڪسٽم حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آھي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي لاڪپ حوالي ڪرڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪري رھيا آھيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.