ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻن چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي سڄي ملڪ وانگر ڪراچي ۾ به سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀرندي، پ پ جي مقبوليت ڏسي ايم ڪيو ايم وائڙائپ جو شڪار ٿي وئي آهي. اهڙو اظهار پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني سينيئر اڳواڻن توقير احمد، خواجه سهيل منصور، مزمل قريشي، وسيم قريشي، وسيم قريشي، علي رشاد، سميتا افضال، منوهر لال، محمد علي بروهي، خليل الله، سليم بخش ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش رکندڙ ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، خواجه منصور، سيف يار خان، وسيم قريشي، مزمل قريشي ۽ ٻيا اڳوڻا ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ بلاول هائوس ۾ پيپلز پارٽي جي جهنڊي هيٺ اسان سان گڏ بيٺا آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سياسي ڪردار ادا ڪري، بدمعاشي ۽ بدمعاشي جي ٻولي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي،ايم ڪيو ايم مان وڌيڪ ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيندا. ان موقعي تي خواجا سهيل منصور چيو ته ايم ڪيو ايم وارن پنهنجن گهرن تي لٺيون ٽنگي ڇڏيون آهن، مان سمجهان ٿو ته هو ان کي پنهنجو چونڊ نشان بڻائيندا.