رستم ڀرسان هٿياربندن هٿان کير جو واپاري معصوم ڀائيٽي سميت اغُوا، موٽرسائيڪل هٿ

لکي غلام شاھ/ چڪ/ خانپور (نمائندن وٽان) رستم ٿاڻي جي حد شڪارپور_رستم روڊ تي قائم ڳوٺ پيارو خان ڀيو واسي ٻن ڳوٺاڻن 22 ورهين جي محمد رمضان پٽ حاڪم علي ڀيو ۽  سندس ڀائٽي 10 ورهين جي نينگر شاھد احمد پٽ خادم حسين ڀيو کي ھٿياربند شڪارپور کان واپس ڳوٺ ايندي رستي مان اغوا ڪري ويا، مغوين جي وارثن جو چوڻ ھو ته سندن نوجوان ۽ نينگر شڪارپور کير وڪڻڻ ويا هئا، جتان ڳوٺ واپس ايندي رستي مان گم ٿي ويا، ڳوٺ پياري خان ڀيو ڀرسان ڳوٺ آھي شنباڻي جتان مغوين جي موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ بعد رستم پوليس کي اطلاع ڪري آياسين جنهن بعد پوليس پھچي تفصيل وٺي واپس ٿي وئي هئي، ايس ايس پي شڪارپور محمد عمران خان واقعي واري ھنڌ پھچي جلد مغوين کي آزاد ڪرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.