ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ 4 مهينن دوران 4 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(م ڊ ) ملڪ ۾ بجلي جي پيداور ۾ جاري مالي سال جي پهرين 4 مهينن ۾ ساليانا بنياد تي 4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي .نيپرا ۽ ٽاپ لائن ريسرچ موجب جاري  مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ ملڪ ۾ 53 هزار 712 گيگا واٽ آوورزبجلي جي پيداوار حاصل ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.