9 مئي ڪيس، ياسمين راشد ۽ اعجاز چوڌري تي فرد جرم لاڳو

لاهور ( م ڊ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي ڪيس ۾ نامزد پي ٽي آءِ جي ٽن اڳواڻن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. لاهور جي  دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ 9 مئي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت اڳوڻي صحت واري وزير ياسمين راشد، اعجاز چوڌري ۽ روبينا جميل تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. جوابدارن خلاف سرور روڊ ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل آهن، جن ۾ عدالت فرد جرم لاڳو ڪيو، پر جوابدارن ڏوهه کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت ڪيس جي شاهدن کي 16 ڊسمبر تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو. ڪيس جي گذريل ٻڌڻي تي جوابدارن ۾ چالان جون ڪاپيون ورهايون ويون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.