آءِ ايم ايف پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي پبلڪ انويسٽمينٽ مئنيجمينٽ اسسمنٽ رپورٽ ۾ پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ تي خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
آءِ ايم ايف جي پبلڪ انويسٽمينٽ اسسمنٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ترقياتي بجيٽ برداشت جوڳي ناهي تنهنڪري ان تي نظرثاني ڪئي وڃي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سمورن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 10.7 ٽريلين رپيا گھربل آهن، ترقياتي منصوبن جي گھربل فنڊنگ هلندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ 727 ارب رپين کان 14 ڀيرا وڌيڪ آهي، گذريل بجيٽ ۾ حڪومت 2.3 ٽريلين رپين جا نوان ترقياتي منصوبا شروع ڪيا.
آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ترقياتي منصوبن جي منظوري کان اڳ ٽيڪنيڪل اسسمنٽ ضروري آهي، ترقياتي منصوبن جي چونڊ لاءِ 5 سالا پاليسي بڻائي ويندي، ترقياتي منصوبن کي فنڊز جاري ڪرڻ جو طريقيڪار تيار ڪري پڌرو ڪيو وڃي.
اسسمنٽ رپورٽ موجب هلندڙ سال جي آخر تائين پاڪستان جو قرض 81.8 ٽريلين ٿي ويندو جيڪي ملڪي جي ڊي پي جو 73 سيڪڙو آهي، ايندڙ بجيٽ جو ڪاٿو 15.4 ٽريلين هوندو.
عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي انتهائي رس وارن ملڪن ۾ شامل آهي، 2022ع جي ٻوڏ سان پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا ۽ 1700 ماڻهو ٻوڏ سبب فوت ٿي ويا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2000ع کان پاڪستان ۾ هر سال موسمياتي تبديلي 2 ارب ڊالرز جو نقصان ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ هر سال 40 لک ماڻهو موسمياتي تبديلين مان متاثر ٿي رهيا آهن ۽ 500 ماڻهو قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سبب فوت ٿي رهيا آهن.
آءِ ايم ايف رپورٽ موجب پاڪستان ۾ موسمياتي تبديليون زراعت ۽ انفرا اسٽرڪچر کي تباهه ڪري رهيون آهن، 2050ع تائين پاڪستان جي معيشت قدرتي آفتن سان 9 سيڪڙو تائين متاثر ٿي سگھي ٿي، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ بجيٽ تمام ناڪافي آهي، پاڪستان ترقياتي بجيٽ ۾ موسمياتي تبديلين جي پراجيڪٽس کي ترجيح ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.