ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته کيس يقين آهي ته اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون صاف شفاف بڻائيندي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ شفاف چونڊن ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ پيپلزپارٽي ان لاءِ پوري طرح تيار آهي، پيپلزپارتي واحد پارٽي آهي جيڪا هر طرح جي ماحول ۾ اليڪشن وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي.