پشاور (م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن چيو ته يوٽرن وٺڻ ليڊر جي نشاني هوندي آهي، اسان سمجهون ٿا ته يوٽرن وٺڻ ليڊر جي نه بزدل جي نشاني هوندي آهي. پشاور ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪا به اهڙي سياست جماعت موجود ناهي جنهن کي اسان پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالف سمجهون، پ پ جي مخالف غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي. هن چيوته باقي سياسي جماعتن جو اصل چهرو عوام جي سامهون اچي ويو آهي، جيڪي پاڻ کي تبديلي جو نمائندو چوندا هئا، انهن تباهي آندي. پ پ چيئرمين نون ليگ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ووٽ کي عزت ڏيڻ ۽ عوام جي خدمت جا دعويدار به عوام آڏو وائکا ٿي ويا، اِها هاڻ مهانگائي ليگ بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته هو پنهنجي 16 مهينن جي ڪارڪردگي تي فخر ڪري ٿو ۽ ان تي چونڊ وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، ڄاڻ گهٽ هئي پر سڀ کان ننڍي عمر واري پرڏيهي وزير طور ڏينهن رات محنت ڪري عوام جي نمائندگي ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وزير طور ملڪ جا سمورا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهجن، ان لاءِ ضروري آهي ته هڪ جيالو وزيراعظم بڻجي ۽ هڪ جيالو وڏو وزير هجي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي هاري ڪارڊ ۽ پورهيت ڪارڊ جاري ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هو اڄ به زور زبردستيءَ سان ڪنهن کي وزيراعظم بڻائي سگهن ٿا ته اِها سندن ڀل آهي، پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ملي، اسان ان جا عادي ٿي چڪا آهيون. پ پ چيئرمين چيو ته اسان ستر ورهين جي سياستدانن کان مطالبو ڪيو ٿا ته هاڻي گهر ۾ ويهو يا مسجد جو پاسو وٺو، کين گهرجي ته هاڻ نواجوانن لاءِ رستو ٺاهين ته جيئن اسان نفرت واري سياست کي دفن ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ ويڙهه جو ميدان تيار ٿيڻ وارو آهي، اليڪشن ٿيڻ واري آهي، اسان تير جي نشان تي وڙهنداسين ۽ ڪنهن آءِ جي آءِ جو حصو نه بڻجنداسين.