سنڌ کي سسٽم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ضروري آهي: سعد رفيق

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته وزيراعظم جي ڪرسي جو پنڌ پري هجڻ بلاول جي ڪاوڙ جو ڪارڻ  آهي، سنڌ کي (سسٽم) کان بچائڻ ضروري آهي.  بلاول جي تقرير تي ردعمل ڏيکاريندي سعد رفيق چيو ته بلاول هيانءُ نه هاري، سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي تي چونڊ وڙهي. هن چيو ته طعنا هڻڻ بدران بلاول تياري ڪري. حڪومت ٺاهڻ لاءِ چونڊجي سگهڻ جهڙن ماڻهن جي بي ساکين جي ضرورت آهي، پ پ ۽ پي ٽي آءِ به ائين ئي ڪنديون آهن. هن چيو ته موقعو مليو ته سنڌ جا شهر لاهور ۽ فيصل آباد جهڙا بڻائينداسين. سنڌ کي (سسٽم) کان بچائڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.