لاهور (م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ نون پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله دعويٰ ڪئي آهي ته ن ليگ ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب مان قومي اسيمبليءَ جون 125 سيٽون کٽيندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اسان کي هر تڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهو آهن، وڏي انگ ۾ اسان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن چونڊ وڙهڻ جو ارادو ظاهر ڪيو، ايندڙ هفتي کان پارلياماني بروڊز جي ميٽنگ شروع ڪنداسين. هن چيو ته پنجاب ۾ هر ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ نواز شريف وڏو جلسو ڪندو، اليڪشن مهم کي منظم انداز ۾ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته وقت جي گهرج آهي ته هڪ تجربيڪار ۽ مخلص قيادت ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ اڳواڻي ڪري. نواز شريف پهريان به ملڪ کي ٻه ڀيرا اهڙن بحرانن مان ڪڍيو آهي. هن چيو ته پاڪستان خلاف سازش نه ڪئي وڃي ها ته اڄ ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو هجي ها، سازشن، حالتن، ڏکيائين، ڪوڙن ڪيسن کي جرئت ۽ بهادري سان منهن ڏنو، اسان ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ عزم ۽ قوم سان واعدو ڪيو آهي.