نگران حڪومت کي ڪارونجهر بابت فيصلي جو ڪو به اختيار ناهي: ساڃاهه وند

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪارونجهر جبل کي قومي ورثي ۾ شامل ڪرڻ واري ڏنل فيصلي کي نگران سرڪار طرفان سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪرڻ واري عمل کي ٿرواسين عدالتي توهين قرار ڏيندي ڪيس ڀرپور نموني سپريم ڪورٽ ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ پاڪستان  ڪميونيسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي چيو آهي ته نگران حڪومت کي قومي اثاثن کي وڪرو ڪرڻ يا انهن سان هٿ چراند ڪرڻ جو ڪو به حق نه ٿو پهچي،ھن حڪومت جو ڪم آھي ته اليڪشن تائين روزمره جا ڪم هلائڻ،ان کان وڌيڪ ان کي ڪوبه حق نه آھي،هن ڪٺ پتلي حڪومت طرفان هاءِ ڪورٽ طرفان ڪارونجهر کي قومي اثاثو قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جي ڪميونسٽ پارٽي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي،جماعت اسلامي ٿرپارڪر ضلعي جي نائب امير ۽ وڪيل سبحان سميجو چيو آهي ته پاڪستان جي قانون مطابق نگران حڪومت صرف هلندڙ ادارن ۽ پروجيڪٽن جي نگراني ڪري سگهي ٿي ۽ اُنهي کانسواءِ نگران حڪومت جي مک ذميداري اليڪشن ڪرائڻ آهي ۽ نئين چونڊيل اسيمبلين جو اُهو اختيار آهي ته نئين قانون سازي ڪري يا قانون ۾ ترميم ڪري سگهن ٿيون،نگران حڪومت ڪو به قومي يا صوبائي ليول جو نئون ڪو به پروجيڪٽ يا ادارو شروع نه ٿي ڪري سگهي نه ئي ڪا ليز يا نيلامي ڪري سگهي ٿي، وڪيل شنڪرميگهواڙ چيو آهي ته نگران سرڪار ڀلي پنهنجي زور آزمائي ڪري پر اسان سپريم ڪورٽ تائين ڪارونجهر جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهنداسين،هنن کي ڪارونجهر ڪٽڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين،ٿر بار جي صدر وڪيل غلام مصطفىٰ هنگورجو چيو آهي ته ڪارونجهر جو ڪيس هر فورم تي وڙهيو آهي ۽ اڳتي به جدوجهد جاري رکبي،وڪيل منور ساگر چيو ته اسان نگران حڪومت جي اهڙي عمل کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين،قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر وڪيل شاهنواز هنگورجو چيو ته نگران حڪومت اليڪشن کي سنڌ جا وسيلا نيلام ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي،عدالتن جي فيصلن تي عمل نه ڪرڻ به سنگين جرم آهي،جيڪو جرم نگران سرڪاري ڪري رهي آهي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪبير ڀيل چيو ته هي سمورا حُڪمران ڦورو آھن انهن کي مال ميڙڻ لئه وسيلا کپن،عوام سان اُنهن جي ڪا به همدردي ناهي،سنڌي قوم جي عوامي عدالت ڪارونجهر جي نيلامي جو فيصلو رد ڪيو آھي ته مطلب ڪو به ماءُ جو لال ڪارونجهر ڪٽي نه سگهندو،سماجي اڳواڻ ڀيمراج ميگهواڙ چيو ته سرڪاري ادارن جي اھا ڪاروباري روش انتھائي سواليا ۽ خطرناڪ آهي،ٻي ڳالهه سڄي سنڌ سميت ٿر جي فطري قدرتي وسلين لوڻ،ڪوئلو سميت ھاڻ ڪارونجھر جي نيلامي تاريخي معاشي ماحولياتي سماجي ۽ مذهبي ويساگھاتي آهي، ،ن ليگ جي ضلعي صدر وڪيل هيمراج ڀيل چيو آهي ته نگران سرڪار سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي آرڊر جي توھين ڪري رھي آھي،تنھنڪري توھين عدالت جو ڪيس داخل ٿيڻ کپي،

نگران سرڪار کي سنڌ جا وسيلا وڪڻڻ جو ڪو به اختيار ناهي: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) نگران سرڪار کي سنڌ جا وسيلا وڪڻڻ جو ڪو به اختيار ناهي. ڪارونجهر جي ڪٽائي روڪڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ مان سنڌ جي نگران سرڪار جي بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي. سنڌ جي  وسيلن تي زبردستي  قبضو ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جو نگران سرڪار کي ڪوبه اختيار ناھي. ماڙي جلباڻي سانحي جي اصلي ذميوارن کي ظاهر ڪيو وڃي. سنڌ جي نگران سرڪار پيپلز پارٽي جي ونگارو فورس ٿيڻ بدران پنهنجي آئيني حدن اندر رهي صاف شفاف اليڪشنون ڪرائڻ جو بندوبست  ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر حور النساءِ پليجو، عمره سمون ۽ ماه نور ملاح پنهنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. هنن چيو ته سنڌ جي نگران سرڪار ڪارونجهر مٿان ميري اک رکڻ بند ڪري.

ڪارونجهر ڪيس تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين: نند لال مالهي

مٺي:پ پ ٿرپارڪر جي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي چيو آهي ته نگران حڪومت کي ڪو مينڊيٽ ناهي ته هُو  ڪارونجهر بابت آيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو چئلنج ڪري،اگر اليڪشن ڪرائڻ آيل نگران سرڪار ايئن ڪيو ته اسان ڀرپور طريقي سان هن حُڪومت جي درخواست خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وينداسين،اسان وڪيل پينل ٺاهڻ تي غور ڪيون پيا،اسان ڪارونجهر ڪيس تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين،نگران سرڪار خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃبو،ڪارونجهر جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهنداسين ۽ انشاءُ الله هنن جي ناڪام ارادن کي بڻائبو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.