قاضي احمد ڀرسان هٿيارن جي زور تي گهرڀاتين آڏو شاگردياڻيءَ سان زيادتي

قاضي احمد ( رپورٽ : مومن جوڻو ) قاضي احمد ڀرسان ڳوٺ مستي کوھي جي رهواسڻ 14 ورهين جي شاگردياڻي ثانيا ميمڻ کي جوابدارن ھٿيارن جي زور تي گهر ۾ گهڙي سندس امڙ ۽ ٻين گهر ڀاتين اڳيان  مبينا جنسي ڏاڍائي نشانو بڻايو. متاثر شاگردياڻي جي امڙ امام زادي زال عبدالسلام ميمڻ جي احتجاج بعد ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد نوٽيس ورتو، قاضي احمد ٿاڻي تي امام زادي ميمڻ جي فرياد تي جوابدارن ڪليم الله چانڊيو، جانب چانڊيو، محمد علي چانڊيو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ناري جي امڙ موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدار ڪليم الله چانڊيو ٻن جوابدارن سان گڏ گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي ڌيءُ ثانيا کي ڪپڙن کان آجو ڪري زيادتي ڪئي. مزاحمت ۽ دانهون ڪرڻ تي هٿياربندن قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ فرار ٿي ويا. ٻئي پاسي پوليس جو چوڻ آھي ته مبينا جنسي زيادتي جو شڪار ناري جو قاضي احمد اسپتال مان ميڊيڪل ڪرايو آھي، جزا چڪاس لاءِ موڪليا ويندا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.پوليس موجب حتمي رپورٽ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. آخري اطلاع تائين ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان ڪو به گرفتار نه ٿي سهگيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.