حج پاليسي 2024ع جو اعلان، پيڪيج گذريل سال کان هڪ لک رپيا سستو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي حڪومت حج پاليسي 2024ع جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، حج پيڪيج گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ لک رپيا سستو ٿيند. حج درخواستون 27 نومبر کان 12 ڊسمبر تائين وصول ڪيون وينديون، پاڪستان جي حج ڪوٽا هڪ لک 79 هزار 210 مقرر ڪئي وئي آهي، سرڪاري اسپانسرشپ اسڪيم پهرين اچو ۽ پهرين وٺو جي بنياد تي هوندي، ان ۾ قرعه اندازي کان ڇوٽ هوندي، لانگ حج پيڪج 38 کان 42 ڏينهن ۽ شارٽ حج پيڪيج 20 کان 25 ڏينهن جو هوندو، ڪنهن کي مفت حج نه ڪرايو ويندو، خميس ڏينهن مذهبي معاملن واري وفاقي وزير انيق احمد پريس ڪانفرنس ۾ حج پاليسي 2024ع جو اعلان ڪيو،

هائوسنگ سوسائٽي پٺيان ثاقب نثار، فيض ۽  باجوا نظر ايندا: جاويد لطيف

لاهور ( م ڊ ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته هائوسنگ سوسائٽي جيڪا ترقي ڪئي آهي ان پٺيان ثاقب  نثار کان بنديا يا جنرل فيض کان جنرل باوجوه نظر ايندا. پي ٽي آءِ چيئرمين اڄ به وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان راند کيڏي رهيو آهي. نواز شريف لاءِ 2018ع جو ريپلي نه ڏسو،  جيڪڏهن جنرل فيض ۽ جنرل باجوه پاران ضمني چونڊن ۾ سهولت نه هجي ها ته 20 ضمني چونڊن جا نتيجا مختلف هجن ها. لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته اسان کي چيو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي، ڇا 2018ع وانگر ليول پليئنگ فليئڊ ڏني پئي وڃي. جاويد لطيف چيو ته پروسيس ذريعي رليف ۽ انصاف ملڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان کي چونڊن کان ٻاهر رکيو ويو ته کين ليول پلئنگ فيلڊ ملندي، جيڪڏهن ادارن ۾ ويٺل ماڻهو آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪن ته پاڪستان ترقي ڪري سگهي ٿو. هڪ اداري 9 مئي واقعي جي جاچ ڪئي ته نالا سامهون اچي ويا، ڌرڻي ۾ جيڪي سهولتڪار هئا،  چاهي اهو وزيراعظم هجي، آرمي چيف هجي يا چيف جسٽس، انهن کي جواب ڏيڻو پوندو،  ملڪ ۾ ڪير به قانون کان مٿانهون نه هجڻ گهرجي،  جاويد لطيف چيو ته هڪ اداري جي سربراهه جو ڏنل فيصلو عوام جي جدوجهد جو نتيجو آهي،  ايبٽ آباد ڪميشن ۽ ڪارگل ڪميشن ٺهي ها ته ملڪي مفاد ۾ هجي ها. فيض آباد ڪميشن تي بااختيار ماڻهن کي اپيل آهي ته مقرر وقت کان ٻاهر نه وڃن ته جيئن چونڊون صاف ۽ شفاف ٿي سگهن.  جاويد لطيف وڌيڪ چيوته  پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪرپشن رڳو هڪ سئو 90 ملين پائونڊن جي آهي،  پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪرپشن پنهنجي جڳهه تي بشريٰ عرف پنڪي گوگي جي سربراهي ۾ عورتن جو گروهه آهي جن ڪرپشن ڪئي آهي.

91 سيڪڙو پاڪستانين پاران غزا جي فلسطينين جي حمايت

اسلام آباد(م ڊ) 91 سيڪڙو پاڪستاني غزا ۾ فلسطينين جي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا، فقط 2 سيڪڙو اسرائيل سان متفق آهن. ٻه ڀاڱي ٽي پاڪستانين  جي راءِ ۾ غزا پٽي تي اسرائيلي حملن ۾ آمريڪا جو ڪردار منفي آهي.گيلپ پاڪستان جي وسيع سروي سڄي ملڪ جي 100 کان وڌيڪ ضلعن ۾ سروي ڪئي ته جيئن غزه جنگ بابت عوامي جذبن جو اندازو لڳائي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.