اسلام آباد(م ڊ) نگران وفاقي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته حڪومت کي جنوري 2024ع کان گئس جا اگهه ٻيهر وڌائڻا پوندا ته جيئن گردشي قرض نه وڌي. اسلام آباد ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدي بابت بريفنگ ڏيندي نگران وفاقي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو ٿي ويو آهي، اميد آهي ته آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ جلد ان جي منظوري ڏيندو.نگران ناڻي واري وزير چيو ته مالي استحڪام لاءِ ترقياتي ڪم نه روڪيا ويندا، حڪومتي خرچ گهٽ ڪيا ويندا، آمدني ۾ اضافو ٿيندو، ترقياتي ڪمن لاءِ پبلڪ انويسٽمينٽ پلان شروع ڪيو ويندو.آءِ ايم ايف کي توانائي شعبي جي ٽيرف تي نظرثاني کان آگاهه ڪيو ويو آهي، فلحال رئيل اسٽيٽ ۽ ريٽيلرز سميت مختلف شعبن ۾ واڌو ٽئڪس لڳائڻ جو فيصلو ناهي ٿيو. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر جا 9415 ارب رُپين جي ٽئڪس اوڳاڙي پهرين ترجيح آهي، جيڪڏهن ٽئڪس اوڳاڙي ۾ ڪو شارٽ فال ٿيو ته پوءِ اضافي قدمن بابت سوچينداسين، حڪومت هڪ ڏهائي پنج ارب ڊالر جا انٽرنيشنل بانڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ ريٽنگ ۾ بهتري ايندي، ان کانپوءِ بانڊ جاري ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو، هلندڙ مالي سال عالمي بئنڪ مان ارب ڊالرز فنڊ ملڻ جو امڪان آهي، اي ڊي بي، اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ ايشيائي انفراسٽڪچر بئنڪ وٽان به مجموعي هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي.