ڇا اوهان کي اهو ڪنهن خواب جيان لڳي رهيو آهي ته هاڻي فون ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا چارج ڪرڻ بدران مهيني ۾ رڳو هڪ ڀيرو چارج ڪرڻو پوندو؟ جيڪڏهن ها، ته ڄاڻي وٺو ته هو جلد ممڪن ٿيڻ وارو آهي.
برطانوي رسالي ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب انگلينڊ جي ڪيمبرج يونيورسٽي جا سائنسدانن هڪ اهڙي مائڪرو چپ تي ڪم ڪري رهيا آهن جنهن کي فون ۾ لڳائڻ کان پوءِ سمارٽ فون کي سال ۾ رڳو 12 ڀيرا چارج ڪرڻ جي ضرورت پوندي.
يعني مهيني جي شروعات ۾ جيڪڏهن فون جي بيٽري چارج ڪئي وڃي ته اها سڄو مهينو ختم نه ٿيندي.
برطانوي ٽيڪنالوجي جي وزير پال سڪلي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته سيمي ڪنڊڪٽرز جديد دنيا جي ترقي لاءِ ضروري آهن جيڪي اليڪٽرڪ ڪارون هلائڻ کان وٺي مختلف بيمارين سان وڙهڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن.
گذريل مهيني آڪٽوبر ۾ پال سڪلي طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته ان 2 سالن جي پروجيڪٽ تي 13 لک پائونڊز خرچ ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ اها ٽيڪنالوجي ماڻهن جي زندگي ۾ انقلاب آڻڻ واري آهي.
ڊيلي ميل پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته سيمي ڪنڊڪٽر بابت ترقياتي منصوبي تي ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن جن مان هڪ ڪمپني ”مني نيورو“ آهي جنهن مرگهي ۽ پارڪنسنز جي بيماري جي علاج ۾ ڪاميابي ماڻي جنهن لاءِ هنن هڪ چپ ايجاد ڪئي جنهن جو ڪاٿو مرچ جي داڻي جي برابر آهي.
رپورٽ موجب وائر جي مائڪرو چپ جيڪا سمارٽ فونز جي بيٽري لائيف کي بهتر بڻائي سگھي ٿي، ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ رياض جي محققن جي هڪ ٽيم ان تي ڪم ڪري رهي آهي، اهو خيال اهڙي سليڪون چپ پروسيسر کي ڊزائين ڪرڻ تي ٻڌل آهي جنهن کي هلائڻ لاءِ تقريبن زيرو توانائي جي ضرورت هجي ٿي، يعني بهتر بيٽري جي ضرورت گھٽ آهي.
پر ان حوالي سان اڃا تمام ٿوري ڄاڻ سامهون آئيآهي، ان پروجيڪٽ کي هلائيندڙ چيف ايگزيڪٽو شان ريڊمنڊ چيو ته جيڪڏهن اهو تجربو ڪامياب رهيو ته اهو ممڪن ٿي ويندو ته موبائيل فون جي بيٽري مهيني ۾ رڳو هڪ ڀيرو چارج ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڪو به سيمي ڪنڊڪٽر چپ بابت مڪمل ڄاڻ نٿو رکي پر برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي جي ان ٽيم ان بابت اڳڀرائي ڪئي آهي.
You might also like