گوگل ميپس ۾ 3 بهترين ۽ ڪم جا فيچرز متعارف

گوگل جي مشهور ترين سروس ميپس ۾ 3 نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.
ڪمپني موجب اهي نوان فيچر واهپيدارن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيا ويا آهن.
انهن مان هڪ فيچر ٽرانزٽ ڊائريڪشنز جو آهي.
ان فيچر سان واهپيدارن کي سندن گھربل منزل لاءِ بهترين رستو چونڊڻ ۾ مدد ملندي.
اهو فيچر سفر جي ڊيگهه، منزل تي پهچڻ جي امڪاني وقت ۽ ٻين عملن کي نظر ۾ رکي بهترين رستي جي نشاندهي ڪندو.
ان فيچر سان واهپيدار اهو ڄاڻي سگھندا ته گھربل منزل تائين وڃڻ لاءِ ڪهڙي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي چونڊ ڪئي وڃي يا ڪٿان پنڌ وڃڻ بهتر هوندو.
ٻيو فيچر collaboration لسٽ ٽول آهي.
ڪمپني ٻڌايو ته ان فيچر سان واهپيدار پنهنجن دوستن سان گڏ ڪنهن جاءِ تي گھمڻ جي منصوبابندي ڪري سگھندا ۽ ووٽنگ ڪري هنڌ چونڊي سگھندا.
گوگل موجب جڏهن اوهان ڪنهن هنڌ کي ميپس تي دوستن سان شيئر ڪندئو ته فوري طور تي collaboration لسٽ تيار ڪري گھمڻ جي منصوبابندي ڪري سگھندا.
دوستن جي گروپ ۾ شامل هر فرد انهن هنڌن کي ان لسٽ ۾ شامل ڪري سگھندو جتي اهو گھمڻ جو ارادو رکندو هجي.
ان ۾ ڪنهن هڪ هنڌ جي چونڊ ووٽنگ ذريعي ڪري سگھبي ۽ ووٽن لاءِ ايموجيز ري ايڪشنز کي استعمال ڪيو ويندو.
ٽيون فيچر ايموجي ري ايڪشنز جو آهي.
ان فيچر ۾ هارٽ سميت ٻيا ايموجيز استعمال ڪرڻ ممڪن هوندو.
ڪمپني موجب جڏهن اوهان ڪنهن تصوير، وڊيو يا ريويو کي ڏسندا ته ايموجيز ذريعي پنهنجن ري ايڪشنز جو اظهار ڪري سگھندا.
اهڙيءَ طرح هٿرادو ذهانت (اي آءِ) ۽ ايموجيز ڪچن ذريعي mashup ري ايڪشنز تيار ڪرڻ به ممڪن هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.