ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) عسڪري قيادت ۽ وفاقي حڪومت جي معيشت جي بحالي لاءِ گڏيل ڪوششون نتيجا ڏيڻ لڳيون، ان ڏس ۾ ٻه نومبر تي آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪيو، دوري دوران آءِ ايم ايف جي ٽيم ٻن هفتن تائين پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو جائزو ورتو.
رپورٽ موجب، پاڪستان آءِ ايم ايف جا گهربل هدف حاصل ڪري ورتا آهن. حڪومت جي اثرائتن قدمن کانپوءِ آءِ ايم ايف پاران پاڪستان لاءِ ستر ڪروڙ ڊالرز جي قرض جي منظور ڏني وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ ايم ايف وٽان ملندڙ قرض سان پاڪستان معاشي ترقي جون منزلون طئي ڪندو، جنهن جا اثر به نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ ٻه رُپيا ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ ڇهه رُپيا لاٿ آئي.
رپورٽ موجب، پاڪستان مالي سال 2024 ۾ جي ڊي پي ۾ 0.4 سرپلس حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ملڪي ترقي کي نظر ۾ رکندي عوام کي قرضن ۾ رليف ڏنو ويندو، ڪفالت پروگرام تحت ڪمزور طبقي جي 93 لک خاندانن کي رليف ۽ ساليانو وضيفو ڏنو ويندو.
ان کانسواءِ حڪومت پاران توانائي سيڪٽر ۾ بهتري لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويندا جنهن تحت جي ڊي پي تي هاڪاري اثر پوندا، درآمدات لاٿ ۽ رپئي جي اگهه ۾ نمايان واڌ سان ملڪي معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.
رپورٽ موجب، ڏيوالي جي ويجهو رياستي ادارن جي نجڪاري تي عملدرآمد سان ملڪي معيشت تي پيل بار ۾ نمايان لاٿ ايندي، پاڪستان مهانگائي جي شرح ۾ لاٿ ۽ عوام لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.
اسمگلنگ ۽ ذخيرا اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ غيرقانوني شهرين جي ملڪ نيڪالي سان به ملڪي معيشت تي هاڪاري اثر پوندا.
Prev Post
You might also like