ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سياري جي موسم ۾ گل گوبي سان ٺهيل ڀاڄين جو مزو ئي الڳ هوندو آهي.
سياري جي موسم ۾ گرمي جو احساس ڏيارڻ لاءِ اهو هڪ بهترين طريقو آهي.
گل گوبي جي ڀاڄي مختلف طريقن سان تيار ڪئي ويندي آهي.
مٽر ۽ پٽاٽا ملائي به هن جي ڀاڄي بهترين ٿيندي آهي.
گل گوبي کائڻ فائديمند آهي ۽ اهو مدافعتي قوت وڌائيندو آهي.
پر گهڻي گل گوبي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.
گل گوبي جو وڌيڪ استعمال يورڪ ايسٽ کي وڌائي ٿو، جيڪڏهن جسم ۾ پيورين جو مقدار وڌيڪ هجي ته يورڪ ايسڊ جو مقدار به وڌي ويندو آهي.
ان جي ڪري گردي جي پٿري ۽ اپينڊيڪس جا مسئلا ٿي سگهن ٿا.