ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لياقت آباد جي علائقي ۾ 5 ماڙ عمارت کي ڊاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ڊي جي ايس بي سي اي سميت ٻيا پيش ٿيا، ڊي جي عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، عدالت رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، جسٽس نديم اختر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڊي جي صاحب 2019ع جو عمارت ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو هو ان تي عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي، ڊي جي پنهنجي موقف ۾ چيو ته مون وٽ ڪيس هاڻ آيو آهي، عدالتي حڪم تي عمل ڪراينديسن، عمارت ۾ ماڻهو رهندا آهن، جسٽس عبدالرحمن پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪارروائي نه ٿيندي ته ماڻهو ته رهندا، اوهان اجازت ڏني آهي اوهان جي ذميواري آهي، ڊي جي چيو ته مون وٽ جيڪا شڪايت ايندي آهي ته فوري عمل ٿيندو آهي، چئن هفتن جي مهلت ڏني وڃي، عدالت بلڊر ۽ ايس بي سي اي جي ملوٽ آفيسرن خلاف ڪيس ڪرڻ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 14ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.