ورلڊ ڪپ ۾ شڪست، بابر ڪپتاني ڇڏي ڏني، پرڏيهي ڪوچ فارغ

لاهور(م ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني تان هٿ کڻي ويو ورتو  آهي، بابر اعظم پي سي بي طرفان صرف ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بابر اعظم سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي بيان جاري ڪندي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو . بابر اعظم چيو ته ٽنهي فارميٽ ۾ رانديگر طور کيڏڻ چاهيان ٿو، منهنجي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم نمبر ون بڻي جنهن ۾ سمورن رانديگرن جي محنت پڻ شامل هئي، ڪپتاني ڇڏڻ ڏکيو فيصلو هيو پر ڪپتاني ڇڏڻ جو هي صحيح وقت آهي.ان کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽيءَ جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف جي مئنيجمينٽ ۽ ڪپتان بابر اعظم سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران پي سي بي چيئرمين ڪوچز جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر کان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني واپس ورتي وئي جڏهن ته کيس رڳو ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، ان کانسواءِ وائٽ بال ڪرڪيٽ ۾ ڪپتان ڪير هوندو ان جي فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب مڪي آرٿر ٻين ڪوچز کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته نئون ڪوچنگ اسٽاف آندو ويندو، جڏهن سندن لاءِ ٻين شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو آپشن موجود هوندو .  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ ٽيمن جي نئين ڪپتانن جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت شاهين شاهه آفريديءَ کي سونپي وئي آهي، جڏهن ته ون ڊي ٽيم جي ڪپتان جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.محمد حفيظ کي قومي ٽيم جي ڊائريڪٽر جي ذميواري ڏني وئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني تان هٿ کڻي ويو ورتو آهي، بابر اعظم پي سي بي طرفان صرف ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بابر اعظم سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي بيان جاري ڪندي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.