نواب شاھ (ڊ ر) پيپلز پارٽي جي صوبائي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراهه جي پارٽي اڳواڻن راشد چانڊيو، توصيف ڌامراھه، خان بھادر ڀٽي ۽ ٻين سان گڏ نواب شاھ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي بار بار مطالبن کانپوءِ اليڪشن جي مهيني جو اعلان ڪيو ويو آهي، اليڪشن جو شيڊول اڃا اچڻو آهي جنهن سبب خدشا آهن، مٺي جي جلسي ۾ ميرپورخاص ڊويزن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به شهر جي جيالن شرڪت نه ڪئي، پيپلزپارٽي جي مٺي واري جلسي کي ڏسندي ئي مخالفن جون رڙيون نڪري رهيون آهن، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ لاءِ پروپئگنڊا ڪندڙ بوکلاهٽ جو شڪار آهن، جڏھن ته پيپلز پارٽي پنهنجي مخالفن جو مقابلو ڪرڻ ڄاڻي ٿي، جيڪڏهن 8 فيبروري تي چونڊون ٿيون ته پيپلز پارٽي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ملندي، ڪنهن کي به اهو خيال نه رکڻ گهرجي ته هو وزيراعظم ٿيندو، جيڪڏهن ڪو وزيراعظم هوندو ته بلاول ڀٽو لاهور نه پر لاڙڪاڻي مان هوندو، محرومين جو روئيڻ پٺڻ واري ايم ڪيوايم جو ھي سنڌ ۾ گورنر موجود آهي، ھن چيو ته ايم ڪيو ايم هر دور ۾ حڪومت ۾ رهي آهي، متحده قومي موومينٽ اردو ڳالهائيندڙن جي پارٽي ناهي پر پيپلز پارٽي هن وقت اردو ڳالهائيندڙن جي نمائندي پارٽي آهي.