ڪريڊٽ وٺڻ ن ليگ جي عادت آهي : شرجيل ميمڻ

ڪراچي ( رپورٽر ) پيپلز پارٽي سنڌ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪريڊٽ وٺڻ مسلم ليگ ن جي عادت آهي. مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال جي ردعمل تي جواب ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو ته مسلم ليگ ن جو مثال بيگاني شادي ۾ عبدالله ديوانو  جيان آهي. هن چيو ته ڪريڊٽ وٺڻ مسلم ليگ ن جي پراڻي عادت آهي، قوم ڄاڻي ٿي ته شهيد ڀٽو ملڪ کي ايٽمي ٽيڪنالاجي ڏني. پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري پاڪستان کي سي پيڪ جو تحفو ڏنو. هن چيو ته ن ليگ جي وزيرن 16 مهينن ۾ ڪهڙي ڪارڪردگي ڏيکاري؟ بلاول ڀٽو جو سوال برقرار آهي، ڪريڊٽ نه حقيقتون ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.