سنڌ هاءِ ڪورٽ: سمورن گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  ناري ۽ ٻن ڀائرن سميت 18  ماڻهن جي گم ٿيڻ واري درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت رپورٽس تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي سمورن گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڊسمبر جي ٻئي هفتي ۾ پوليس، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت کان اگڀرائي وري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ناري شبانه 2018ع گلبرگ جي علائقي مان گم ٿي وئي هئي، ٻه ڀائرمعاذ ۽ طلحه 2014ع،جنيدخان2015، محمد طاهر 2016ع،ٻه ڀائرمحمود الحسن ۽ سعودالحسن 2017ع ۽ ڪامران ۽ اعجاز حسن 2018ع مان گم ٿي ويا هئا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.