ڪراچي (پ ر) ايس يو پي چيو آهي ته اسين صوبي جي نگران حڪومت تي بي اعتمادي جو اظهار ڪريون ٿا سنڌ جي نگران حڪومت جانبدار ۽ پيپلز پارٽي جو تسلسل آھي نگران حڪومت ۽ پ پ جو ڳٽ جوڙ واضع آھي، عام چونڊن کي تڪراري ۽ شڪي بڻائڻ ۽ ڌانڌلي کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،ان ڪري نگران صوبائي حڪومت کي گهرجي ته شفاف چونڊن جي انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ۽ پنهنجي غير جانبداري جو ثبوت ڏي، ڪراچي ۾ ايس يو پي سيڪريٽريٽ ۾ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جو اجلا س ٿيو، اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن روشن علي ٻرڙو، جڳديش آھوجا، امير علي ٿيٻو، عارف نياز آرائين، منير نائچ، غلام مصطفىٰ چانڊيو، خواجه نويد امين، مختيار ميمڻ، انعام ڪالاڻي، رمضان ٻرڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ايس يو پي پاران پرڏيهين جي واپسي واري عمل تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ويو ته جنهن شئي جو خدشو هو اهڙو ئي ڪجھه ٿي رهيو آهي پرڏيهين جي واپسي لاءِ سنجيده قدم نه کنيا پيا وڃن، سيد زين شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ۽ گهرو وزير کي گهرجي ته پرڏيهين جي واپسي لاءِ سنجيده ۽ سخت قدم کنيا وڃن.