مٺي(بيورو)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ تي الزام اهي ته ڊليور نٿي ڪري سگهي، اسان ٻڌائڻ گهرون ٿا ته اسان ڊولپمينٽ تي تاريخي ڪم ڪيو آهي،مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي گذريل دور ۾ وڏا ۽ تاريخي ڪم ڪيا آهن، ماضي ۾ اسان جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي ته پيپلز پارٽي ترقياتي ڪم ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، اسان ٿر ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي،ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جون فوتگيون گهٽجي ويون آهن، اڃا ڪم ڪرڻو آهي، ريشو اڃا به گهٽائڻو آهي، بلاول ڀٽو چيو ته (ن) ليگ لاءِ لاهور ۾ مسئلا آهن، ان ڪري کين ٻين صوبن تي توجه ڏيڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي، ميان ڪجهه سيٽن لاءِ بلوچستان وڃڻ جي تڪليف پيو ڪري، بهتر آهي ته پنجاب تي ڌيان ڏئي. هن چيو ته ميان صاحب بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽرن جا ووٽ وٺڻ تي پيپلز پارٽي تي وڏي تنقيد ڪئي هئي ته “باپ“ جا ووٽ تمام خراب آهن، اميد آهي ته هو پنهنجي موقف تي قائم رهندو.پ پ چيئرمين چيو ته هن (ن) ليگ کي 15 مهينن کان تمام ويجهو ڏٺو آهي، وفاق ۽ صوبي ۾ حڪومت ۽ ادارن جي حمايت باوجود (ن) ليگ ضمني چونڊن کان ڀڄي رهي هئي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سندس خيال ۾ هي پهرين اليڪشن ٿي رهي آهي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪنهن به اداري سان ويڙهه ناهي، اڄ به ميدان ٺاهيو پيو وڃي پر پيپلز پارٽي هر ميدان تي اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهي.هن چيو ته مان پنهنجي 15 مهينن جي ڪارڪردگي کانپوءِ اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهيان، ڇا شهباز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ به تيار آهن يا منهن لڪائيندا؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان مسلم ليگ ن کي اچڻ جي دعوت ڏيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته هر صوبي کي وقت ڏنو وڃي،اسان انهن جو استقبال ڪنداسين، پر مان اهو چوندس ته پنهنجي پارٽي تي اعتماد ڪريو، سياست ذريعي سياست ڪريو ڪنهن ٻئي اداري کي نه چئو ته توهان مون لاءِ سياست ڪريو، توهان مون لاءِ جاءِ ٺاهيو،ٿر ۾ آپگهات جي واقعن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته .اسان خانگي شعبي سان گڏجي ڪم ڪنداسين ته ڪراچي ۾ اهڙو ادارو ٺاهيو وڃي ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي طرز تي سمورن ضلعن ۾ سهولتون فراهم ڪنداسين ته جيئن خودڪشي جو سبب بڻجندڙ ذهني مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي.لاهور کان ٿر تائين بيروزگاري ۽ غربت آهي، اهي مسئلا آخر ڪڏهن ختم ٿيندا؟ جنهن سبب پشاور کان لاهور تائين، لاهور کان ٿرپارڪر تائين اهڙا ڪيس نظر اچي رهيا آهن، جتي ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن.