اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ ۾ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ جي منظوري تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ سينيٽر سعديه عباسي سوال اٿاري ڇڏيا،سعديه عباسي چيو ته ڪالهه سينيٽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو جڏهن ته ايوان ۾ رڳو 12 ميمبر موجود هئا، ايجنڊا ۾ جيڪا ڳالهه شامل نه هئي اها پيش ڪئي وئي،اها قراداد جمهوريت جي نفي آهي، هن چيو ته ايوان قاعدن ۽ ضابطن کان ٻاهر جيڪو ڪجهه ڪيو ان جي حمايت نه ٿا ڪريون، فوجي عدالتن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿا ڏئي سگهون ۽ نه ان جي حمايت ڪريون ٿا.سينيٽر سعديه عباسي چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو فيصلو آيو اهو ڪنهن جج پنهنجي مفاد لاءِ نه پر پاڪستان جي عوام جي مفاد ۾ ڪيو ۽ هي ٻيو ڀيرو آهي ته سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي رد ڪيو.هن چيو ته سڀاڻي ايوان ۾ مارشل لا لڳائڻ جو ٺهراءُ اچي ويو ته ڇا ملڪ ۾ مارشل لا لڳندي؟سينيٽر سعديه عباسي چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته چيئرمين ايوان کي اهڙي طريقي سان استعمال ڪيو، ايوان جو اهڙي طرح استعمال مذمت جوڳو ناهي.هن چيو ته اهو عمل پارلياماني روايتن جي ڀڃڪڙي آهي، موجوده صورتحال ۾ اهڙي ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان جمهوريت مضبوط نه ٿي رهي آهي، ان قرارداد کي واپس ورتو وڃي ڇو ته اها هن ايوان جي عڪاسي ناهي.ان موقعي تي سينيٽر رضا رباني، طاهر بزنجو، تاج حيدر، مشتاق احمد خان پڻ ان قرارداد خلاف احتجاج ڪيو.سينيٽر رضا رباني ۽ سينيٽر مشتاق احمد ٻنهي چيو ته اسان ان معاملي تي بحث ڪرڻ چاهيون ٿا.جنهن تي ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي جواب ڏنو ته سينيٽ جي ايجنڊا مڪمل ڪرڻ کانپوءِ توهان کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيان ٿو.ان دوران جڏهن سينيٽ ۾ ڪورم پورو ڪرڻ لاءِ گھنٽي وڳي وئي ته ڪورم پورو نه ٿي سگهيو، جنهن سبب اجلاس جمعي جي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.