ڪوٽڙي/حيدرآباد (نمائنده) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ نگران سرڪار افغانين جي نيڪالي ڪي به اپاءُ نه ورتا، افغانين خلاف آپريشن نه ٿي سگهيو آهي، جنهن تي خاموش نٿو ويهي سگهجي ڇاڪاڻ جو سنڌ ۾ افغانين سميت سمورا غير قانوني ڌاريا سنڌ جي وجود تي بار آهن، جن جي نيڪالي لاءِ مسلسل جدوجهد جاري آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جي اڳواڻي ۾ ڊي سي ڄامشورو آفيس اڳيان جسقم جو مسلسل ڌرڻو ۽ احتجاج جاري آهي، جسقم جي احتجاج ۾ ڪوٽڙي اي سي پهتو، جنهن چيو ته افغانين خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي تنهن ڪري احتجاج ختم ڪريو، جنهن تي جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام چيو ته اهو آپريشن نالي ماتر آهي، ضلعي انتظاميا غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي، ڪوٽڙي ۾ افغاني بستي کي ختم نه ڪري سگهي آهي، اي سي کي جسقم اڳواڻن پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏنو ويو.