ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نديم اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ عدالتي حڪم تي لياقت آباد ۾ غير قانوني اڏاوت جي خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي ايس بي سي اي جي ڊي جي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي شوڪاز نوٽيس ملڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي ، عدالت ۾ ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت چيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڇو نه ڪيو ويو ، ڊي جي ايس بي سي اي چيو ته اسان جي اداري جون ڪارروايون جاري آهي آفيسرن کي به معطل ڪيو ويو آهي، عدالت چيو ته پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ڪم ڪرايو، ايس بي سي اي عملدارن چيو ته مهلت ڏني وڃي، پرڏيهي وفد ملاقات لاءِ اچي رهيو آهي،جسٽس نديم اختر چيو ته جيڪو وفد اچي رهيو آهي هن کي عدالت ۾ وٺي اچو هنن کي خبر پوي ته اوهان ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهيو.
ڪراچي جي اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي لاڪ اپ مان 2 جوابدار فرار
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي لاڪپ مان 2 جوابدار فرار ٿي ويا، ايس ايس پي ويسٽ نوٽيس وٺندي ٿاڻي جي 4 پوليس اهلڪارن هيڊ محرر، ڊيوٽي آفيسر، روزنامچو انٽري ڪندڙ ۽ سنتري کي معطل ڪري ڇڏيو ايس ايس پي ويسٽ مهروز علي چيو آهي ته جوابدار عبدالباسط ۽ جمع خان فرار ٿي ويا ٻنهي جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ٿيل هئا غفلت ڪندڙ 4 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو جن جي مٿان ڪيس به داخل ڪيو ويندو صبح جي وقت جوابدارن سنتري کان پاڻي گهريو سنتري لاڪپ اپ کليل ڇڏي پاڻي ڀرڻ ويو ته جوابدار فرار ٿي ويا جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
ڪراچي ۾ ڪسٽم انٽيليجنس جي ڪارروائي، اسمگل ٿيل آٽو پارٽس جي کيپ هٿ
ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سائيٽ ايريا ۾ ڪسٽم انٽيليجنس ڪارروائي ڪندي اسمگل ٿيل آٽو پارٽس جي کيپ هٿ ڪري ورتي آهي. ڪسٽم انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر حبيب احمد وڙائچ ٽيم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته اسمگل ٿيل آٽو پارٽس جي هڪ کيپ هٿ ڪئي وئي آهي، ضبط ڪيل آٽو پارٽس جي ماليت اڍائي ارب رپيا آهي.حبيب احمد وڙائچ چيو ته 3 مهينن دوران 4 ارب رپين جو اسمگل ٿيل سامان ڪسٽم ڪراچي هٿ ڪيو آهي، آٽو پارٽس اسمگلنگ ڪيس ۾ مني لانڊرنگ جو شڪ آهي. هن چيو ته ان ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي پر اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون، جڏهن ته ڪراچي ايئرپورٽ تان 13 ڪروڙ رپين جي ماليت جي آئي فونز جي بازيابي جي جاچ جاري آهي. ڪسٽم انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته ڪراچي ۾ هڪ شخص کان گاڏي هٿ ڪئي وئي جيڪا هڪ پرڏيهي شخص کي الاٽ ڪئي وئي هئي.