ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ اورنگي ٽائون ۾ شادي ھال مالڪن کان ڀتو وٺڻ واري ڪيس ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر اولهه کي طلب ڪري ورتو، عدالت ڊائريڪٽر اولھه کي ڇنڊ پٽيندي ايس بي سي اي جي آفيسرن کي ڀتو وصول ڪرڻ مان منع ڪري ڇڏيو، عدالت ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر کان پڇاڻو ڪيو ته ڀتو وصول ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڇو ناھي ڪئي وئي؟ ڊائريڪٽر چيو ته شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، درخواستگذارن جي وڪيل خواجه نويد چيو ته ايس بي سي اي جي آفيسرن کي ڪيترائي دفعا شوڪاز جاري ٿي چڪا آھن پر انھن سان ڪو فرق نٿو پوي، عدالت ڊائريڪٽر اولھه کي الٽيميٽم ڏيندي چيو ته جيڪڏھن ٻيھر ڪنھن شادي ھال مالڪ کان ڀتو وصول ڪرڻ جي شڪايت آئي ته اوهان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ جي ڊائريڪٽر کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته شادي ھال مالڪن کان ڪو به غير قانوني ڀتو وصول نه ورتو وڃي، وڪيل خواجه نويد چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارا جعلي نوٽيس جاري ڪندا آهن ۽ علائقي جي پوليس وٺي حراسمينٽ ڪري غير قانوني طريقي سان شادي ھال مالڪن کان ڀتو وصول ڪندا آھن، ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ شادي ھالن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا آفيسر ڀتو وصول ڪرڻ سان گڏ رات جو شادي ھالن مان ماني به کڻي ويندا آھن.