نگران وڏي وزير مان مطمئن ناهيون، شفاف چونڊون نه ٿيون ته وڏو نقصان ٿيندو: جي ڊي اي

 خيرپور (رپورٽ:شاهد نواز سيال) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي، اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم، سيد اسماعيل شاهه راشدي ۽ ٻين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن چونڊون ڪرائڻ چاھي ٿي ته اسان اُن لاءِ تيار آھيون پر چونڊون صاف ۽ شفاف نموني ٿيڻ گھرجن  پهريان جيئن چونڊون ٿينديون آيون آهن اهڙي نموني جيڪڏهن ايندڙ چونڊون به ٿيون ته ملڪ جي عوام کي سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا، نگران وڏي وزير مان اسان مطئمن ناھيون ان کي اھو ياد رکڻ گھرجي ته کيس وڏ وزارت رڳو پيپلز پارٽي نه ڏني آهي پر  مخالف جماعت جي اڳواڻن جي مشاورت بعد نگران وڏو وزير بڻايو ويو، سنڌ ۾ جيڪا حڪومت هئي اها پڻ سليڪٽڊ هئي ايندڙ عام چونڊون به شفاف نموني ٿيندي نظر نه ٿيون اچن. اهڙي صورتحال ۾ شفاف چونڊن جي اميد ناهي اسان کي نگران حڪومتن تي پھرئين ڏينهن کان اعتراض آھي، فنڪشنل ليگ هائوس لقمان ۾ پريس ڪانفرنس دوران اڳواڻن وڌيڪ چيو ته  نگران حڪومت ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن جي ڀائٽن، ڀاڻيجن، چاچن، مامن ۽ ٻين مائٽن کي وزارتون ڏنيون ويون آهن اُهي ڪيئن شفاف چونڊون ڪرائيندا جيڪڏهن هن ڀيري به شفاف چونڊون نه ٿيون ته پاڪستان کي اھڙو نقصان ٿيندو جنهن جو پورائو ڪڏهن نه ٿيندو، اسان ايٽمي طاقت آهيون پر ان جي باوجود مودي ڪجهه وقت اڳ چيو هو ته پاڪستان پاڻ کي پاڻ نقصان پهچايو آهي، شايد مودي صحيح چيو هو ڇاڪاڻ ته هتان جا حڪمران ملڪ جي مفاد لاءِ نه پر پنهنجي فائدن لاءِ سياست ڪن ٿا، عمران خان کي سليڪٽڊ جي نالي سان سڏيندڙ پاڻ سليڪٽڊ آھن عوام ايندڙ چونڊن ۾ سوچي سمجهي ووٽ ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.