حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، ايڊوڪيٽ نجيب مهيسر ۽ عبدالله ٻپڙ چيو آهي ته قبضا مافيائن سنڌ جي زمينن تي ناجائز قبضا ڪري ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪري ڇڏيو آهي. بحريا ٽائون کيرٿر نيشنل پارڪ تائين قبضا ڪري سنڌ جي تاريخي ماڳن کي ميساري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ملڪ رياض سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا آهن. لکين ايڪڙ زمينن تي قبضو ڪري بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ ٻيا منصوبا جوڙيا ويا آهن، جاري بيان ۾ اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون ۽ ٻين رهائشي اسيڪمن جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري سنڌين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، بحريا ٽائون سپر هاءِ وي جي ٻنهي طرفن تي قبضا ڪري کيرٿر نيشنل پارڪ کي پڻ پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ تائين بحريا ٽائون جو قبضو سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت سان هٿ چراند آهي، پيپلز پارٽي پنهنجي 15 سالا اقتداري دور ۾ ملڪ رياض جهڙن قبضاگيرن جي سهولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪيو آهي.