اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي بابت وفاقي حڪومت جي قائم ڪيل وزارتي ڪميٽي کان هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت ڪميٽي کي چيو ته بچاءَ واري وزارت، گهرو وزارت، قانون واري وزارت کي ٻڌايو وڃي ته هڪ هفتي ۾ اجلاس گهرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جسٽس محسن اختر ڪياني بلوچ انفورسڊ ڊسپيئرنس ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. گم ٿيل بلوچ شاگردن جي وڪيل ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿي. وفاق پاران ٽن وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته لڳي ٿو حڪومت اهم معاملي کي معمول جي ڳالهه ڪري رهي آهي، رياستي ادارا احسان ڪري رهيا هجن. انهن ادارن تي الزام آهي جيڪي ادارا عوام جي ٽيڪس جي پئسي سان هلي رهيا آهن. جن ادارن تي هي الزام لڳايا ويا آهن اهي ان کي ڪوڙو ثابت ڪن، هي انساني حقن جو هڪ وڏو سوال آهي. ائين نه ٿئي جو ان معاملي کي گڏيل قومن ڏانهن وڃڻ ڏيو، جبري گمشدگيون ملڪ تي بدنامي جو داغ آهن. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته هاڻي وزيراعظم ٻي ڪميٽي ٺاهي آهي. گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن آهي جنهن ۾ اهي ويٺا آهن جن تي الزام آهن، جيڪي پاڻ جوابدارآهن، حڪومت ڪجهه نه ڪندي ته عدالت پاڻ ڏسندي. عدالت اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ماڻهو ان اهم مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نٿا رکو. هن وڌيڪ چيو ته جسٽس اطهر من الله جي سفارش تي هي ڪميشن رپورٽ آئي، پر اڄ تائين ڪجهه به ناهي ڪيو ويو. انهن ڪيسن ۾ نه ته عدالتون رليف ڏئي سگهن ٿيون ۽ نه ئي انفورسڊ ڊسپيئرنس ڪميشن ڪجهه ڪري رهي آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏنا ته معاملو وزيراعظم ڏانهن موڪليو ڇو ته هو ۽ گهرو وزير به بلوچستان مان آهن. انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو، انهن کي ياد رکڻ گهرجي، هڪ سال گذري ويو اهي شاگرد گهر نه پهتا. 22 فيبروري 2023 جي رپورٽ آهي، اڄ تائين ڇا ٿيو آهي؟ حڪومت کي گهرجي ته اها رپورٽ غلط آهي يا چوي ته اها درست آهي ۽ ان تي عمل ڪري، يا وري ادارن جا سربراهه حلف نامو ڏين ته اها رپورٽ درست ناهي.عدالت رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.