هاڻي لڳي ٿو ملڪ ان نازڪ موڙ کان اڳتي نڪري ويو آهي جو اليڪشن جي چنڊ ڏسڻ سان سڀ پارٽيون مٿين ليول تي سڀ رساما ۽ درد ويڙهي سيڙهي هڪ پاسي رکي ان ڳالھه تي راضي آهن ته جنهن تي آشرواد آهي ۽ جيڪا پارٽي مٿين ليول تي پاڻ جوڙي ٿي هلي اها پارٽي هيٺين ليول تي به ڀلي عام ماڻهن جي تڏي تي قُل پڙهي پنهنجا گناھ معاف ڪرائي سڀ رستا سڌا ڪري، ان ڪري ته سياسي پارٽيون ”ڊائون ورڊ ۽ اپ ورڊ“ واري رمز کي سمجهن ٿيون پر نظرانداز رڳو ڊائونورڊ معني ماڻهن تائين خدمتن کي پڄائڻ کي ترجيح ناهن ڏيندا ان ڪري جو اهي سمجهن ٿا ته جي تڪ جا وڏيرا ۽ سرمائيدار، رئيس چودري جي انهن جي پارٽي ۾ آهن ته اهي اليڪشن کٽي سگهن ٿا.
پي پي، نون ليگ، پي ٽي آءِ اها ڳالھه سمجھن ٿيون ته هيٺين ليول تي اميدوار پاڻ هوم ورڪ ڪري پنهنجي لول فيلڊنگ پاڻ سنڀالي هلندو باقي ڳالھه مٿئين معني اپ ورڊ جي آهي جنهن ۾ اسٽبلشمينٽ سان رابطا سڌا ڪرڻا هوندا آهن ان ڪري اها ڳالھه به مڃون ٿا وزيراعظم آرمي چيف کي چونڊيندو آهي ۽ وري آرمي چيف وري وزيراعظم چونڊيو آهي، پر هيل ته نون ليگ جا مٿين ليول تي رابطا بحال آهن ان ڪري ته هاڻي جون ڪورٽون، جسٽس، اليڪشن ڪميشن ۽ اسٽبلشمينٽ جا رابطا نون ليگ سان سڌا آهن انهن سڀني ڪورٽن ۽ قانون اهي سڀ ايون فيلڊ وارا ڪوڙ به سچ ثابت ڪري ڇڏيا آهن، العزيزا شگرمل وارا ڪيس به لئي مٽي ڪري ڇڏيا آهن ان ڪري هاڻي مٿين ليول تي اها سانباها آهن ته نوازشريف ملڪ جو ٻيڙو تاريندو ۽ ملڪي معيشٽ، سيڪورٽي، فارين افيئيرز، ملڪي معاشرتي حالتون ۽ ٻيو سڀ ڪجھه ٺيڪ ٿي ويندو ان ڪري ته انهن نون ليگ وارن جا مٿين ليول تي رابطا بحال رهندا.
سياسي ٺاهن ۾ دم ناهي ان ڪري ”باپ“ بلوچستان عوامي پارٽي ۾ تيستائين دم هيو جيستائين اسٽبلشمينٽ جو انهن تي آشرواد هيو ۽ رات پيٽ ۾ رڳو پي ٽي آءِ کي کٽرائڻ جي لاءِ انهن سياسي اتحاد ڪري نئين پارٽي جوڙي هئي ۽ عمران خان جو ٻيڙو تاريو هين پر انهن جي گڊ بوڪس ۾ پوءِ به پي پي ٿي سگهي ٿي پر نون ليگ کي بلوچستان مان ڪڏهن موٽ ناهي ملي، ڳالھه جي ايم ڪيو ايم جي ڪجي ته هنن ويچارن کي اندران ڪو اشارو ملندو آهي ته اهي وٺي ڀڄندا آهن ۽ سدائين انهن پارٽين سان چونڊ اتحاد ڪندا آهن جيڪي هنن جي سمجهھ ۾ اچن، سمجهن ته اهي سياسي پارٽيون مٿي مرڪزي حڪومت جوڙي وينديون ۽ اهي ان ڪري انهن جي سرڪار جو حصو هوندا پوءِ ڀلي آرمي چيف به ڇو نه هجي پر مرڪز ۾ جيڪو هوندو ايم ڪيو انهن جي هنج ۾ هوندي، ايم ڪيو ايم جهڙي پارٽي جو چونڊ اتحاد ن ليگ سان ٺهي ئي نه ٿو، ائين به چئون ته ڪراچيءَ جو پنجابي ووٽ ڪڏهن نون ليگ کي مليو ئي ناهي ته هاڻي پنجابي ووٽ ڪهڙا ڦاڙها ماريندو جو ائين چئون ته ايم ڪيو ايم جي ڪري نون ليگ کٽندي، نون ليگ جي ڪري ايم ڪيو کٽندي، ايم ڪيو ايم جو اهڙ اتحاد رڳو ان ڪري آهي ته اهي پي پي جي دشمني ۾ اڳتي وڌي ويا آهن پر کڙتيل نه نڪرندو ۽ پي پي جا ٻيا اتحادي، ووٽ وري به پي پي جي بيلٽ باڪس ۾ هوندا.
هاڻي ته سياسي هوائن ۾ اهي سڀ پارٽيون ڌوڙ ٿي ويون جيڪي ڪنهن به طرح عوامي پارٽيون نه هيون اهي ڪو اسٽبلشمينٽ جي ڪارنٽريڪٽ تي آيل هيا ۽ اڳواٽ ڳالهائي ٻولهائي آيا هيا ته اهي سڀ ڪم ڪندا جيڪي انهن جي ذهن جي ڪيسٽ ۾ ڀريل آهن، جيڪي انهن جي ميموري ڪارڊ ۾ فٽ فڪس ٿيل آهن اهي سڀ ڪم ڪندا ويندا ان ڪري جي ڪري سگهيا ته ٺيڪ آهي نه نه ڪري سگهيا ته معني پتو صاف، هاڻي به ساڳي ڳالھه آهي ته نون ليگ جون پنجاب ۾ ڪارڊ نه هلندو ۽ پنجاب ۾ انهن جي گهاٽي سرنهن سڀني کي ڏٺل آهي، ائين چئون ته جيڪو پي ٽي آءِ جو منسٽريل لڏو هيو انهن سڀني جا پنهنجي تڪن ۾ پير مضبوط آهن ان ڪري هاڻي عليم خان هجي، جهانگيرخان ترين هجي، ملتان ۽ بهاولپور جي پاسي پي پي جو قلعو مضبوط هجي پر انهن سڀني ڳالهين ۾ نون ليگ پنجاب اندر ڪمزور آهي، ڪاڪڙ جي اها ڳالھه به مڃي سگهجي ٿي ته ڪنهن به پارٽيءَ تي چونڊ وڙهڻ جي ڪا پابندي ناهي هر پارٽيءَ کي ليول فيلڊ مليل آهي ته اهي پنهنجي وس ۽ وِتَ آهر پنهنجي سياسي مڙسي ڏيکارن ۽ چونڊ وڙهي ۽ کٽي ڏيکارن.
ڪي پي جي صورتحال ۾ نون ليگ فٽ ناهي اتي اي اين پي ۽ پي ٽي آءِ، ڪي ٻئي مذهبي تنظيمون هلي سگهن ٿيون، ائين به چئي سگهون ٿا ته پي پي ۽ نون ليگ اتي زيرو آهن هونءَ زيرو ته ٻين صوبن ۾ به آهن پر اتي جي سماجي سيٽ اپ ۾ اهي سڀ پارٽيون ان ڪري به فٽ ٿي سگهن ٿيون ته اتي جي وڏيراشاهي ۽ چودري گيري اڃان مئي ناهي اتي جاگيردار پلس سرمائيدار سڀ جا سڀ پي پي ۽ نون ليگ جي ڪلهن تي چڙهيل آهن اهي سڀ جا سڀ ائين ايترا ڪرپٽ به آهن، ڪير به رهيل ناهي جنهن تي کنڊ، اٽي، ڪڻڪ، دوائن، بينڪ اڪائونٽن، مني لانڊرنگ، اوورسيز ڪمپنين جي ڪا ڪارنهن لڳل نه هجي ان ڪري اهي سڀ چوڪڙيون ڀلي عوام تائين ڪجھه به پڄائن پر هڪٻئي جو ڀرجهلو ضررو آهن، پي پي جي هاڻوڪن سنڌ جي سياسي دورن مان اهو ثابت آهي ته اهي سڀ جا سڀ جي ڊي اي جا مُک اڳواڻ پنهنجي مٺ ۾ ڪري هلندا ۽ سڀ جا ووٽ بينڪ پنهنجي نالي ڪندا، اها ڳالھه به سمجهون ٿا هاڻي واري سياسي ڪلچر ۾ ڪير به فل فليج حڪومت نه جوڙي سگهندو، ڪير به ان پوزيشن ۾ ناهي ته اهو پنهنجي اڪيلو وزيراعظم بڻائي سگهي پر اهي سڀ گڏيل حڪومت جي آسري پوءِ به آهن، جي مٿيئن ليول تي سياسي منهان منهين ٿي به ته نون ليگ ۽ پي جي هوندي ان ڪري ته اهي ٻئي ميثاق جمهوريت کان وٺي پي ڊي ايم تائين هڪٻئي جا حريف به آهن ته هڪٻئي جا مخالف آهن اها ٻي ڳالھه آهي ته نون ليگ سياسي دشمني ۾ تمام گهڻي خراب آهي پوءِ سامهون پي پي هجيس، پي ٽي آءِ پر ڇڏيندي ڪنهن کي نه ناهي ۽ ميدان صاف ڪري هلندي آهي.
چون ٿا ته چوڌري شجاعت پنجاب ۾ نون ليگ سان سياسي وقتي ٺاھ ڪندو پر ممڪن ناهي ان ڪري ته نون ليگ جا ۽ قاف ليگ جا لڇڻ اهڙا ناهن، ڪلهوڪي ڳالھه ته ويچاري پرويزالاهي سان پنجاب جي سي ايم جي چڪر ۾ ڇا ڇا ڪري ويٺا ۽ حمزا شهبار جي دال ڳارڻ جي لاءِ سندس پيءُ وسئون نه گهٽايو پر دال نه ڳريس ان ڪري اهي اتحاد وري به پي پي جي جهولي ۾ ايندا ان ڪري ته پنجاب جو ووٽر ۽ پنجاب جو چودري ۽ سرمائيدار ٻه الڳ الڳ سماجي ۽ سياسي ٿيوريون آهن ان ڪري اتحادي سياست واري پيشمنظر ۾ پي پي انهن سڀني پارٽين معني نون ليگ، پي ڊي ايم جي 13 پارٽين کان مٿي جي ڳالھه آهي باقي رهيو وڃي سنڌ جو شهري ووٽ ان جي لاءِ پي پي وري ساڳي ڪندي ته ”پنهنجن ۾ هٿ ۽ پراون ۾ اکيون“ معني وڏيرڪو طبقو ۽ سرمائيدار پنهنجي هٿ ۾ ۽ سڀ جا سڀ ووٽر انهن وڏيرن جي هٿ ۾ باقي رهيو شهري ووٽ ان جي لاءِ هنن پٺاڻن ۽ افغاين جي حمايت ڪري ووٽ پڪو ڪيو آهي.
ان ڪري نون ليگ جا اتحاد ايترا مضبوط نوعيت جا ثابت نه ٿيندا ۽ پنجاب جو ووٽ به هنن کي ٽٽي ٽٽي ملندو جنهن جي لاءِ نون ليگ کي وري به جتن ڪرڻا پوندا، ان کان اڳ جو هنن جا ڪيس اٿلن، بُرائي منهن ڪڍين اهي به مٿئين ليول تي گڏجي کائڻ جي ڪندا نه ته ڳالھه ڳوري ٿي پوندن.
پي پي جي هاڻوڪن سنڌ جي سياسي دورن مان اهو ثابت آهي ته اهي سڀ جا سڀ جي ڊي اي جا مُک اڳواڻ پنهنجي مٺ ۾ ڪري هلندا ۽ سڀني جا ووٽ بينڪ پنهنجي نالي ڪندا، اها ڳالھه به سمجهون ٿا هاڻي واري سياسي ڪلچر ۾ ڪير به فل فليج حڪومت نه جوڙي سگهندو، ڪير به ان پوزيشن ۾ ناهي ته اهو پنهنجي اڪيلو وزيراعظم بڻائي سگهي پر اهي سڀ گڏيل حڪومت جي آسري پوءِ به آهن