حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي چيو آهي ته سنڌ کي سازش تحت غير قانوني غير ملڪين جي محفوظ آماجگاھ بڻايو ويو آهي، غير قانوني افغانين خلاف اثرائتو آپريش ڪيو وڃي، سنڌ مان صرف ڪجھ سئو غير قانوني افغاني ئي واپس موڪليا ويا آھن. وفاقي حڪومت سنڌ مان افغانين جي نيڪالي نٿي چاھي، جاري بيان ۾ اڳواڻن چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت پيپلز پارٽي سرڪار جو تسلسل آهي، پيپلز پارٽي سرڪار جيان موجوده نگران سرڪار به غير قانوني غير ملڪين جي سھولتڪار آھي، سنڌ مان ھن وقت تائين صرف 737 افغاني ئي واپس موڪليا ويا آھن، جڏھن ته سکر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاھ جھڙن وڏن شھرن مان ھڪ به غير قانوني افغاني واپس ناھي موڪليو ويو آھي. سنڌ ۾ سڀ کان گھڻا افغاني ڪراچي ۾ رھن ٿا. غير قانوني پرڏيهين جي واپسي لاءِ جلد وڏو آپريشن ڪيو وڃي.