سينيٽ ۾ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سينيٽ ۾ 9 مئي جا ڪيس خاص عدالتن ۾ هلائڻ جي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو.سينيٽر دلاور حسين 9 مئي جي ڪيسن جي ٻڌڻي خصوصي عدالتن ۾ ڪرڻ جي قرارداد سينيٽ ۾ پيش ڪئي، جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي،پ پ جي رضا رباني ۽ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد قرارداد جي مخالفت ڪئي،ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته  هٿياربند فوجن خلاف تشدد جي الزام هيٺ آيل ماڻهن جو آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل پاڪستان جي موجوده آئيني فريم ورڪ ۽ قانوني نظام لاءِ مناسب ۽ متناسب جواب آهي.قرارداد ۾ شامل ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو قانون ٻيهر لکڻ جي ڪوشش آهي،سپريم ڪورٽ جو فيصلو پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي،ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته آرمي ايڪٽ تحت هٿياربند فوج خلاف تشدد جي جوابدارن جو ٽرائل پاڪستان جي موجوده ائيني فريم ورڪ ۽ قانوني نظام مطابق هڪ مناسب ۽ متناسب ردعمل آهي،قرارداد ۾ چيو ويو ته اسان شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون جن ملڪ لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عدم تحفظ ۽ غداري            جي جذبات جو اظهار ڪيو آهي.قرارداد موجب انهن (شهيدن جي خاندانن) کي خدشو آهي ته فوجي عدالتن ۾ ٽرائل نه ٿيڻ سان دهشتگرديءَ جي ڪاررواين جي ذميوارن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي ٿي، ان ڪري باقاعده عدالتن ۾ سخت انصاف نه ٿيڻ سبب ان جي مڪمل تائيد ڪئي وڃي ٿي، سينيٽر قرارداد ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هٿياربند فوج، شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين کي رد ڪري ٿو.سينيٽرن وڌيڪ چيو ته فوجي عدالتن دهشتگردي جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، دهشتگردي جي واقعن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کي يقيني بڻايو وڃي. جڏهن ته اهو فيصلو شهادت جي جذبي کي ڇڏي دهشتگردن، رياست مخالف عنصرن، پرڏيهي ايجنٽن ۽ جاسوسن جو عام عدالتن ۾ ٽرائل ڪرڻ لاءِ نرمي فراهم ڪري ٿو.ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته سولين جا ڪيس خاص عدالتن ۾ هلايا وڃن، سپريم ڪورٽ خاص عدالتن بابت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري.جنهن بعد سينيٽ جو اجلاس سڀاڻي صبح ساڍي 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.