عمران خان توشا خانا ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ باضابطا گرفتار

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم عمران خان کي توشا خانا ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ باضابطا گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب عدالت توشا خانا ۽ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.  نيب پاران جاري ڪيل وارنٽن جي تعميل لاءِ نيب پاران احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير درخواست تي ٻڌڻي هلائي، نيب جو ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي، پراسيڪيوٽر ۽ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت سوال ڪيو ته هاءِ ڪورٽ ڇا ڪيو آهي، پراسيڪيوٽر چيو ته ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت نه حڪم معطل ڪيو آهي ۽ نه وري ڪو اسٽي آرڊر جاري ڪيو آهي. عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي گرفتاري وارنٽس جي تعميل لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.  هوڏانهن نيب ٽيم اڊيالا جيل پهچي عمران خان کي باضابطا گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.