”القادر ٽرسٽ ٺاهڻ جو ڇا مقصد هو“ بشريٰ بي بي کان سوالن جاجواب طلب

اسلام آباد(م ڊ) نيب راولپنڊي بشريٰ بي بي کان 11 سوالن جا جواب گهري ورتا آهن. بشريٰ بي بي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ نيب  راولپنڊي ۾ پيش ٿي. بشريٰ بي بي نيب راوپنڊي ۾ پيش ٿي. نيب ٽيم سندس آڏو 11 سوالن تي ٻڌل سوالنامو ڏئي ڇڏيو. بشريٰ بي بي کان سوال پڇيو ويو ته سندس تعليم ڪيتري آهي، اوهان کي قادر ٽرسٽ ٺاهڻ جو خيال ڇو آيو. القادر يونيورسٽي ٺاهڻ جو خيال ڪنهن جو هو ۽ ڪنهن هنڌ جو تعين ڪيو؟ القادر يونيورسٽي ۾ ٽرسٽي جي حيثيت ۾ توهان جون ڪهڙيون ذميواريون هيون؟. فرحت شهزادي کي ڪيئن سڃاڻين؟ ڇا توھان انھن جي ماليات ۽ ڪردار سان مطمئن آھيو؟. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جا باقي سوال مني ٽرانزيڪشن بابت آهن.ذريعن موجب بشرا بي بي نيب راولپنڊي ۾ پيش ٿيڻ بعد روانو ٿي وئي، بشرا بي بي جي قانوني ٽيم 11 سوالن جا جواب جمع ڪرائيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.