غزا (م ڊ) فلسطينين تي اسرائيلي ظلم جاري آهن، شهيد فلسطينين جو انگ 11 هزار کان وڌي ويون آهن. اسپتالن تي به بمباري ٿي رهي آهي، جنهن سبب اسپتالون قبرستان بڻجي ويون آهي. الشفا اسپتال مڪمل غير فعال بڻجي وئي جنهن سبب 6 تازا ڄاول ٻار ۽ 9 مريض فوت ٿي ويا آهن. غزه تي اسرائيلي حملن ۾ فوتگين جي عداد 11 هزار کان وڌي وئي ۽ زخمي 27 هزار 490 تائين پهچي چڪا آهن. برطانوي اخبار مطابق غزه جي پٽي تي 7 آڪٽوبر کان شروع ڪيل اسرائيلي زميني، سامونڊي ۽ هوائي حملن علائقي ۾ وڏي پيماني تي افراتفري ۽ تباهي پکيڙي آهي. صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊيهم گبريس چيو آهي، ته تنظيم جو غزه جي شفا اسپتال مرڪز سان رابطو ڪٽجي ويو آهي. مرڪز مان مليل آخري رپورٽ مطابق اسپتال ٽينڪن جي گهيري ۾ آهي ۽ اسپتال مان فرار ٿيندڙن تي فائرنگ ڪري کين زخمي يا ماريو پيو وڃي. اسرائيل شام جي درعا گورنريٽ جي علائقي ۾ هوائي حملا ڪيا . پر حملي ۾ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو . ريڊ ڪراس جي عالمي ڪميٽي (آءِ سي آر سي) غزه پٽي ۾ ويڙهه جي ڪري ڦاٿل شهرين جي تحفظ لاءِ عالمي برادري کان ترت مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته غزه پٽي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ناقابل برداشت انساني الميو آهي. غزه جي محصور حڪومت جي ميڊيا جو چوڻ آهي ته غزه پٽي ۾ اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين مارجي ويلن جو انگ 11 هزار 240 ٿي ويو آهي. رائٽرز نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب 7 آڪٽوبر کان جاري حملن ۾ 4 هزار 630 ٻار ۽ 3 هزار 130 عورتون مارجي ويون آهن. اسرائيل جي سينيئر سفارتڪار چيو آهي ته غزه ۾ حڪمران حماس خلاف جنگ ۾ انساني جانين جي تعداد تي عالمي دٻاءُ وڌي رهيو آهي پر ان ۾ توسيع جو قانوني جواز موجود آهي.اسرائيل جي سينيئر سفارتڪار چيو آهي ته غزه ۾ حڪمران حماس خلاف جنگ ۾ انساني جانين جي تعداد تي عالمي دٻاءُ وڌي رهيو آهي پر ان ۾ توسيع جو قانوني جواز موجود آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب هن چيو ته عالمي دٻاءُ پنهنجي انتها تي پهچڻ ۾ اسان وٽ ٻه يا ٽي هفتا آهن پر پرڏيهي وزارت قانوني جواز پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ۽ جيستائين ضرورت پوندي جنگ جاري رهندي. فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ چيو آهي ته القدس اسپتال جي ڀرپاسي ۾ اڃا به زبردست فائرنگ ٿي رهي آهي، جتي اسرائيلي فوج جون گاڏيون به موجود آهن. ريڊ ڪريسنٽ چيو ته اسان جو عملو مريضن ۽ زخمين سان ڀريل آهي ۽ اسپتال ۾ بجلي، پاڻي ۽ کاڌو ختم ٿي چڪو آهي.