ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي سڌ سماءَ واري نگران وزير جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته موسم کي نظر ۾ رکندي غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هڪ لک غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪليو ويو آهي.هنن چيو ته پاڪستان کي ميري اک سان ڏسڻ وارن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.جان اچڪزئي چيو ته اسان غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي چمن بارڊر ڪراسنگ پوائنٽ تي منتقل ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ جو عمل هاڻي تيز ڪيو ويندو.