ن ليگ کي 3468 اميدوارن جون درخواستون وصول

لاهور (عوامي آواز نيوز)  مسلم ليگ (ن) کي 10 ڏينهن اندر 3468 اميدوارن جون درخواستون وصول ٿيون آهن، جڏهن ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ چونڊ وڙهڻ جي خواهش مند اميدوارن لاءِ پارٽي ٽڪيٽ جي حصول لاءِ مدي ۾ 10 ڏينهن واڌ ڪئي وئي آهي، نامياري صحافي معظم فخر موجب هر اميدوار کي درخواست سان گڏ 2 لک رپين جو بئنڪ ڊرافٽ پارٽي فنڊ طور موڪلڻ جو پابند ڪيو ويو آهي، ان حساب سان جيڪي درخواستون (ن)  ليگ کي وصول ٿيون آهن انهن موجب اٽڪل 70 ڪروڙ رپيا پارٽي فنڊ جمع ٿي چڪو آهي. اميدوارن تي اهو به واضح  ڪيو ويو آهي ته 2 لک رپيا پارٽي فنڊ ناقابل  واپسي هوندو. پارٽي ٽڪيٽ ملڻ يا نه ملڻ سان فنڊ مشروط نه هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.